حوا

حوا: حضرت آدم عليه السلام جي گھرواري، جيڪا بهشت ۾ حضرت آدم عليه السلام جي پاسراٽيءَ مان پيدا ڪئي وئي. عالمن جو خيال آهي ته الله تعاليٰ حوا کي پيدا ڪرڻ جو هي طريقو انهي ڪري اختيار ڪيو ته جيئن دنيا ۾ ازدواجي زندگيءَ ۾ خوشگواري ۽ هم آهنگي پيدا ٿئي، سندس نالو حوا انهي ڪري رکيو ويو جو کين هڪ زندهه هستيءَ مان پيدا ڪيو ويو هو. ابن عباس جو خيال آهي ته ان کي حوا انهيءَ ڪري چيو ويو جو هوءَ هر بشر جي ماءُ آهي. قرآن پاڪ ۾ سندن قصي متعلق اچي ٿو ته: الله تعاليٰ حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي جنت ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو، پر کين هڪ وڻ جي ويجھو وڃڻ کان منع ڪئي ويئي. شيطان کين برغلائي ’شجرِ ممنوع‘ جو ميوو کائڻ تي آماده ڪيو. هنن ميوو کاڌو ۽ کين پنهنجي اوگھڙ جو احساس ٿيڻ لڳو، تڏهن هو جنت جي وڻن جي پنن سان پنهنجو جسم ڍڪڻ لڳا. ان کان پوءِ الله تعاليٰ آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا عليها السلام کي زمين تي موڪلي ڇڏيو. ابن سعد جي روايت موجب: حضرت آدمؑ هندستان (ان وقت هنڌ ۽ سنڌ ٻئي ملڪ هندستان سڏبا هئا.) جي سرزمين تي لٿو ۽ بيبي حوا جدي ۾ لٿي. ٻنهي جي ملاقات مزدلفه ۾ ٿي. بيبي حوا حضرت آدم عليه السّلام جي فوت ٿيڻ بعد ٻه سئو سالن کان پوءِ وفات ڪري وئي ۽ حضرت آدم عليه السّلام جي ڀر ۾ ئي دفن ٿي. دنيا جا انسان سندن اولاد آهن. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا ص 883).


لفظ حواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو