حمل فقير 2

حمل فقير 2

حمل فقير 2

حمل فقير 2 (ڪتاب): سنڌ جي عوامي ۽ صوفي شاعر حمل فقير لغاريءَ جي فن ۽ فڪر بابت، حمل فقير ڪلچرل ڪميٽي، نوابشاهه طرفان ڇپايل ڪتاب سلسلي جو هي چوٿون ڪتاب، 1997ع ۾، حمل فقير لغاريءَ جي عرس ۽ ميلي جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو هو. جنهن ۾ حمل فقير جي ميلي جي پسمنظر، حمل فقير جي مزار ۽ آسپاس ڪرايل ترقياتي ڪم، حمل فقير ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ قابل ذڪر شخصيتن جي تفصيل کان سواءِ حمل فقير جي سوانح، حمل فقير جي دور جي سياسي ۽ تاريخي حالتن، حمل فقير جي اڻ ڇپيل ڪلام کان سواءِ حمل فقير جي ڪلام جي خوبين، ڪلام ۾ سمايل فڪر، موضوعن ۽ حمل فقير جي شاعريءَ جي مختلف رخن ۽ سندس فڪري پسمنظر تي مختلف اديبن ۽ عالمن جا مقالا ۽ مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ سيد امداد محمد شاهه، ڄام خان لغاري، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، تاج جويي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري، محمد صديق منگئي، علي نواز ڏاهري، محمد پناهه ڦرڙي، ماڻڪ ملاح، فياض چنڊ ڪليري، اسد ڪورائي ۽ ٻين جا مقالا شامل آهن، ڪتاب ۾ حمل فقير لغاريءَ جي مزار ۽ احاطي ۾ ٿيل ترقياتي رٿائن جون رنگين تصويرون به شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1997ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جي قيمت رکيل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو