حمرالاسد

حمرالاسد (جنگ): هيءُ مدينه منوره کان تقريباً اٺ ميلن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ آهي، جتي جنگ احد کانپوءِ 3 هجري ۾ مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ ۾ جنگ ٿي هئي. جنگ احد ختم ٿيڻ کانپوءِ قريش جو لشڪر واپس مڪي روانو ٿي ويو، پر ابو سفيان کي اوچتو خيال آيو ته مسلمان هن وقت ڪمزور ٿي ويا آهن، ان ڪري جيڪڏهن هينئر مٿن حملو ڪبو ته اهي هارائي ويندا. عين ان وقت رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم به ان معاملي تي صلاح مشورو ڪري رهيا هئا. حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم مڪي جي ڪافرن پاران امڪاني چڙهائي کي نظر ۾ رکندي جنگ جي ٻئي ڏينهن تي اهو اعلان ڪيو ته سمورا مسلمان جيڪي جنگ ۾ شريڪ هئا، اهي ٻيهر ميدان ۾ گڏ ٿين. اهڙيءَ ريت نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي حڪم تي سمورا اصحابي جنگ جي ميدان تي گڏ ٿيا. جيتوڻيڪ جنگ احد سبب ڪيترن اصحابين جا جسم زخمن سان چور هئا. حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم ان ننڍي لشڪر کي وٺي حمر الاسد پهتا. هوڏانهن مڪي جا ڪافر به حمر الاسد جي مقام تي پهتا ۽ مسلمانن جي پيش قدميءَ کي ڏسي گهٻرائجي ويا ۽ بنا دير پويان پير ڪيائون. هتي اسلامي لشڪر ٽي ڏينهن ترسيو. ان جنگ ۾ ٻن ڪافرن کي قيدي بڻايو ويو، جن مان هڪ عبدالعزي شاعر هو. ان مسلمانن سان واعدي خلافي ڪئي هئي ۽ عرب قبيلن کي جنگ لاءِ ڀڙڪايو هو. حضور پاڪ جن کيس ڏٺو ۽ چيائون ’مومن هڪ سوراخ مان ٻه ڀيرا نه ٿو ڏنگجي سگھي‘. ان بعد عبدالعزيءَ کي قتل ڪيو ويو. ٻيو قيدي معاويه بن مغيره، حضرت عثمانرضه جو عزيز هو، هن به مسلمانن کي ڪافي اذيتون ڏنيون هيون. حضور صه جن کيس مديني مان ٽن ڏينهن اندر نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو، پر هو ٽن ڏينهن گذرڻ باوجود مديني ۾ گھمي رهيو هو، جنهنڪري مسلمانن ان کي به قتل ڪري ڇڏيو. هن جنگ ۾ وڌيڪ خون خرابي واري صورتحال پيدا نه ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو