حليما

حليما

حليما

حليما (ناول): هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ جي ٻهڳڻي ناول نگار آسانند مامتورا جو ٻيو اصلوڪو ناول آهي، جڏهن ته سندس پهريون ناول ’شاعر‘ 1941ع ۾ ڇپيو هو. حليما ناول، آسانند مامتورا، 1947ع ۾ لکيو، جيڪو ماحول، ڪردارن ۽ موضوع جي حوالي کان بلڪل مختلف آهي. سنڌ جي وايومنڊل ۾ مسلم زندگيءَ تي، اُن وقت جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل هي ناول، ان وقت لکجي پورو ٿيو هو، جڏهن سنڌي مسلمان، نئين دور جي چانئٺ تي پير رکي بيٺا هئا.
هي ناول، 1947ع ۾ ڇپجڻ لاءِ ويو، پر ورهاڱي سبب ڇپجي نه سگهيو. 30 سالن کان پوءِ، ڪونج پبليڪيشن بمبئيءَ هن ناول جو پهريون ڇاپو شايع ڪيو. هن ناول ۾ حليما جو مکيه ڪردار هڪ نائڪا جو آهي، جيڪا پنهنجي ڏکن ڏُڌي زندگيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿي. لاوارث ڳوٺاڻي حليما 14 سالن جي ڦٽندڙ جوڀن ۾ ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿي. وڏيري جو پٽ جڏهن ساڻس زيادتي ڪري عليڳڙهه موٽي ٿو وڃي ۽ کيس ڪچو مئل ٻار ڄمي ٿو، تڏهن مسڪين عورت مجبوريءَ واري حالت ۾ سندس سريت بڻجي ٿي رهي. ان وقت سندس جسماني ڪيفيت جو بيباڪ ذهني بيان مامتورا نهايت نفيس ۽ چڀندڙ لفظن ۾ ڪيو آهي. حليما حالتن کان لاچار ٿي، انگريزي مخالف تحريڪ ۾ شامل ٿئي ٿي، پوليس جي لاٺي چارج ۽ ڪرفيو جو مقابلو ڪري. ان دوران هن جو پيار هڪ هاريءَ سان ٿئي ٿو. بهرحال ناول جي ڪهاڻي دک انت آهي، پر عاليشان عبارت ۽ اسلوب ۾ لکيل آهي.
هن ناول جو مهاڳ، سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ليکڪ منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”جنم ڀومي سنڌ جي مسلم زندگيءَ بابت هي ناول بيحد اتساهه بخشيندڙ آهي. هن اميد ڏيکاري آهي ته هيءُ ناول سنڌ توڙي هند ۾، سرحد جي ٻنهي پاسي سنڌي ڀائرن کي پسند پوندو. هن ناول جو ٻيو ڇاپو، چونڊ پبليڪيشن لاڙڪاڻي، جون 1983ع ۾ ڇپايو. ڪرائون سائيز ۾ 140 صفحن تي مشتمل هن ناول جي قيمت 15 روپيا آهي، جڏهن ته ڪونج پبليڪيش وارو ڇاپو، 140 صفحن تي مشتمل هو، جنهن جي 1977ع ۾ 10 روپيا قيمت رکيل آهي.


لفظ حليماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو