’حافظ‘ محمد بخش خاصخيلي

’حافظ‘ محمد بخش خاصخيلي

حافظ محمد بخش خاصخيلي

حافظ‘ محمد بخش خاصخيلي: تعلقي موري جو نامور استاد، شاعر، اديب ۽ سگهڙ محمد بخش ولد سائين بخش خاصخيلي 1932ع ڌاري نوان جتوئي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم مسلم اسڪول لونگ ڪوريجي مان ورتي. سنڌي فائنل ٻي پوزيشن سان پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. هيءُ ان کان اڳ ۾ ڍڪ منشي به رهيو. 1962ع ۾ ايس. وي جو ڪورس ڪيائين ۽ سنڌ ۾ ٻيو نمبر آيو. هن اديب فاضل جو امتحان به پاس ڪيو. تعليم کاتي ۾ 41 سال سروس ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ جو شاعر، سگهڙ، اديب، مقرر ۽ استاد هو. هيءُ تعلقي موري ۾ اٽينڊنس اسسٽنٽ به رهيو. 1992ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. حافظ محمد بخش خاصخيليءَ جي شاعريءَ ۾ مزاحمت جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. حافظ محمد بخش جي سنڌ جي پاڻيءَ واري مسئلي تي مشهور مزاحمتي نظم ’تو سان پاڻيءَ تي پاڻي ٿيندو، پاڻيءَ خاطر پاڻي ٿيندو‘ ڪافي مقبوليت ماڻي. سندس اهو نظم اڄ به سالن پڄاڻان قومي پروگرامن ۾ پڙهيو وڃي ٿو. حافظ محمد بخش اڪثر قومي پروگرامن ۾ شامل ٿيندو هو. هن ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رهندي به قومي جدوجهد ۾ پير پوئتي نه رکيو. سندس شاعريءَ جو محور ئي انسانيت رهيو، جيئن چيو اٿائين ته:
ماڻهوءَ کي ٿو کائي ماڻهو
آهي ڪو! سمجهائي ماڻهو؟
پنهنجو کيڙي پنهنجو کائي،
ڪنهن جو ڪين سڏائي ماڻهو.
حافظ محمد بخش خاصخيلي، 25 ڊسمبر 2004ع تي وفات ڪئي.


لفظ حافظ محمد بخش خاصخيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو