جگني

جگني: ننڍي کنڊ ۾ لوڪ گيتن جي هڪ صنف آهي، جنهن کي سنڌ، پنجاب سميت راجپوتانا، حيدرآباد دکن ۽ پنجاب ۾ پنهنجي پنهنجي ٻولين ۾ جگني ڪري ڳايو ويندو آهي، پر هن جي هيئت ۽ ڌن ۾ هڪجهڙائي هوندي آهي. هن گيت جي پس منظر لاءِ چون ٿا ته جگني نالي هڪ لاڏائو ڇوڪري ڪنهن سان ڀڄي وئي، پوءِ جنهن جنهن هيءَ ڳالهه ٻڌي ان هن کي گهٽ وڌ چيو ۽ پنهنجي جذبن جو اظهار جگني ڳائي ڪيو. پنجاب ۾ جگني جو لفظ قومي شجاعت ۽ پيار محبت جي احساسن جو اهڃاڻ آهي .


لفظ جگنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو