جُهمرِ ناچ

جُهمرِ ناچ

جُهمرِ

جُهمرِ: هيءُ سنڌي لوڪ ناچ جو هڪ قسم آهي. سنڌ ۾ آباد مڙني قبيلن ۽ ذاتين جا فرد خوشيءَ جي موقعن تي جُهمر هڻندا آهن. جهُمر هڻندڙ دهلن جي تال تي گول دائري ۾ ٻئي ٻانهون اڌ اُڀيون ڪري، ساڄي پاسي ڪُلهن جي سامهون آڻي، آڱرين جون چوٽيون پٺئين پاسي موڙي يڪدم کڻي سامهون ڪندا آهن. مُنهن جي سامهون ٻئي هٿ آڻي، اِرڪن وٽ ٻانهن جي گوني ڪنڊ ٺاهي، رڳو هٿن کي اندرين پاسي گول ڦيرائيندا نچندا ويندا آهن. اهڙيءَ ريت کاٻي پاسي ڪلهي وٽ ”تال“ پورو ڪري وري اچي منهن سامهون هٿن کي گول چڪر ڏيندا آهن. جهمر مختلف ذاتين ۽ قبيلن جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جيئن: پٺاڻڪي جُهمر، جتڪي جهمر، بلوچڪي جُهمر، مڪراني جُهمر، سنڌي سماٽڪي جُهمر، ٿري جُهمر، جابلو جُهمر وغيره. ان کانسواءِ جُهمرِ جا ڪجهه نالا انداز ۽ معيار تي به ٻڌل آهن، جن ۾ سنڌڙ جهمر اهم آهي، جنهن ۾ تال (تنت، تنت، ڌن، ڌنڻ ڌا تا. تن) ٻه دفعا ورجائبو. جهمر جا ٻيا اهم هيٺيان قسم آهن


لفظ جُهمرِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو