جوزا

جوزا: تارن جو هڪ ميڙ (برج) آهي، جيڪو ٻن جاڙن ڇوڪرن جي شڪل جهڙو هوندو آهي. ان ميڙ ۾ ٻنهي جاڙن جا منهن سامهون نظر ايندا آهن. جاڙا ٻار هن برج جي سڃاڻپ آهن. هن برج ۾ سج جي ٽين منزل ليکي ويندي آهي، جنهن جو عرصو 22 مئي کان 21 جون تائين تصور ڪيو ويو آهي، انهيءَ دور جو عطارد گرهه حاڪم ليکيو ويندو آهي .


لفظ جوزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو