جوتش

جوتش: جوتش فلڪيات جو علم آهي. مشرقي فلڪيات جو بنياد زماني جي ان تقسيم مطابق آهي جنهن کي سنسڪرت ۾ ڪلپ ڪوٺجي ٿو. يعني ٻين قديم قومن وانگر هنن جو اهو عقيدو هو ته چنڊ، سج، زحل ۽ مشتري وغيره سيارا هڪ ئي وقت اعتدال ربيڪي جي نقطي ۾ گڏوگڏ پيدا ٿيل ۽ هڪ ئي وقت تحرڪ ۾ اچي چڪا هئا. هاڻ هي پنهنجي پنهنجي رفتار موجب گردش ڪري وري انهيءَ نقطي ۾ جمع ٿين ٿا، ائين لئه اچي ٿي ۽ دنيا هيڪر هيٺ مٿي ٿي وڃي ٿي ۽ وري دنيا وري ٻيهر آباد ٿئي ٿي ۽ وري تحرڪ شروع ٿي وڃي ٿو. انهي نقطي جي وچ واري شمسي، نجومي ورهين جي تعداد جو نالو ڪلپ آهي. انهيءَ آڌار تي بن صباح'>حسن بن صباح، حسن بن خصيب، فضل بن حاتم تبريزي، احمد بن عبدالله مروز، ابن الادمي ۽ ابو ريحان البيروني ٽين، چوٿين ۽ پنجين صدي هجريءَ ڌاري سڌانت جي تڪميل لاءِ ڪيتريون ڪوششون ڪيون ۽ يوناني اصولن توڙي ذاتي تحقيقن مطابق ان ۾ اضافو به ڪندا رهيا .


لفظ جوتشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو