جنگني

جنگني: هيءُ وڻ پندرهن کان سترهن ميٽر ڊگھو ٿيندو آهي ۽ سنڌ ۾ ڪن خاص هنڌن تي ٿئي ٿو. هن جو ٿڙ سڌو گولائي ڏيڍ ميٽر کان پوڻا ٻه ميٽر ٿيندي آهي. هن جو ڇوڏو ڀوري رنگ جو ٿئي ٿو. پوهه يا مانگهه جي مهينن ۾ هن وڻ جا پن ڪرڻ شروع ٿين ٿا. هن جي ٽارين ۾ ٿورا پن لڳندا آهن. هن وڻ جو ميوو پچڻ کان پوءِ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي. جنهن جي کل مان رنگ به ڪڍيو ويندو آهي. هن کي سنسڪرت ۾ ’جنگني‘، ’اجاشرنگي‘، هنديءَ ۾ ’جنگن ڪشمل‘، گجراتيءَ ۾ ’شيمبت‘ ۽ پنجابيءَ ۾ ’سڪالي سنبل‘ چيو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو