جنسار

جنسار 1 (سونارڪي وٿ ):جنسار سونارڪو وکر يا وٿ آهي. سونارڪي بٺيءَ جي ڀرسان سونارن جي جنسار جي اُکري (کرل) هوندي آهي. جنسار ٺاهڻ لاءِ کرل ۾ توتيو پيهي، ان ۾ توتئي جي مقدار جيترو نوشادر ۽ ٻيڻ جيترو شورو ملائي، پيهندا آهن. جنسار سون جي رنگ کي ڳوڙهو ڪندو آهي ۽ ان ۾ اصليت پيدا ڪندو آهي. جنسار ڦيٽ، ٽانڪي ۽ رڱ کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. جنسار ۾ سونا زيور ٻوڙي ٽانڊن تي رکبا آهن ته جنسار سڙي ويندو آهي. جنسار سڙي وڃڻ کانپوءِ آڌي سون (اڌ سون) وارا زيور به آري سون (اصل سون) جهڙو ٿي پوندا آهن. جنسار، سون جي ٽانڪي کي اصل سون جي رنگ ۾ آڻڻ جي خاصيت رکي ٿو ۽ ان جا عيب لڪائي ٿو. سونارن وٽ جيڪڏهن جنسار نه هجي ته هوند زيورن مان ٽانڪي جو عيب لڪائي ئي نه سگهجي. سنڌ جي لوڪ شاعرن ’جنسار‘ کي حسن ۾ نکار پيدا ڪرڻ واري انداز ۾ ڳايو آهي، وٽن، جنسار جي معنيٰ ئي ’حسن‘ آهي.


لفظ جنسارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو