جلاوطن

جلاوطن (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن جو مهاڳ ليکڪا پاڻ لکيو آهي. هن ڪتاب جو انتساب قمر زمان شاهه جي گهر واريءَ جي نالي ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُل 9 ڪهاڻيون: من درپن، ديوارون، ناگاساڪي، دوزخي، سنگسار، فوٽ پاٿ، شريفزادي، سرحدون ۽ فاصلا، ڪم بيڪ آفريڪا ۽ جلاوطن شامل آهن. 129 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي. هن ڪتاب کي نيو فيلڊس پبلڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


لفظ جلاوطنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو