جبرئيل

جبريل/جبرئيل/جبرائيل: هڪ مقرب فرشتي جو نالو، جنهن جو مفهوم عبراني ٻوليءَ ۾ ’خدا جو ٻانهو‘ آهي. هيءُ لفظ عربي توڙي عبراني ٻولين ۾ خدا جي نالي ’ايل‘ ۽ ’جبر‘ جو مرڪب آهي. جيئن ته هيءَ هستي الله تعاليٰ ۽ پيغمبرن جي وچ ۾ ’وحي‘ جي امر ۽ نحي جي تبليغ تي مقرر ٿيل هئي، تنهنڪري وحي، جبرئيل نبي سڳوري جي قلب تي امر نازل ڪندڙ فرشتو ’روح الامين‘ آهي. هن فرشتي کي ’روح الاعظم‘ يا ’روح القدس‘ به چوندا آهن.


لفظ جبرئيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو