جاڳا

جاڳا: جاڳا يعني اهي گيت جيڪي رات جو جاڳي ڳائجن يا روزي رکڻ مهل جاڳائڻ خاطر چئجن. هي گيت سنڌ ۾ قديم زماني کان هلندا اچن ۽ انتهائي مقبول آهن. هي گيت اڪثر رمضان ۾ ڪي شخص ٽولا ٺاهي ڪٿي ڪٿي گھنڊ کڻي رستن ۽ گھٽين ۾ سُر سان ڳائيندا آهن ته جيئن ماڻهو سجاڳ ٿي روزو رکن. سنڌ اندر هن منفرد روايتي لوڪ گيت جو رواج آڳاٽي وقت کان ملي ٿو ۽ ڪيترن شاعرن پڻ اهڙي قسم جا ’جاڳا‘ (لوڪ گيت) چيا آهن. خاص طور روزيءَ جي برڪت، هدايت، نصيحت وغيره ’جاڳن‘ جا اهم موضوع رهيا آهن. اهڙي قسم جا 10 جاڳا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ’لوڪ گيت‘ ۾ درج ڪيا آهن. نموني طورهڪ، جاڳي جو شعر ڏجي ٿو:
چنڊ ڏٺو رمضان جو،
گهر ڀڳو شيطان جو، ڏيئو ٻريو اسلام جو
جاڳڻ ويل ٿي آهي، رحمت ويل ٿي آهي.
مهينو ڀلو رمضان جو، تون ولهو ٿي نه وڃاءِ
پنجئي وقت نماز جا، پوريءَ طرح پڄاءِ
ڏينهن سڄو سنسار ۾، تون ويهي ڪِي مَ وڃاءِ
ختما ٻڌ قرآن جا، جڏو جيءُ جاڳاءِ
جاڳڻ ويل ٿي آهي...


لفظ جاڳاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو