جاڳ ڪتاب جو عڪس

جاڳ ڪتاب جو عڪس

جاڳ

جاڳ (ڪتاب ):هي ڪتاب ’نيو فرينڊس پبليڪيشن پاران نوجوان تخليقڪارن جي شاعري ۽ ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو آهي، جيڪو ضمير ٽالپر پاران آڪاش پرنٽرس گاڏي کاتي حيدرآباد مان 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، هن ڪتاب ۾ رمضان راهي، امر لغاري، اي. آر. آزاد ۽ استاد نظاماڻيءَ جون تخليقون شامل آهن. رمضان راهيءَ جي شاعري ’سکي، سپنا ۽ ساروڻيون‘ جي عنوان سان، امر لغاريءَ جون ڪهاڻيون ’واچوڙو‘ جي عنوان سان، اي. آر. آزاد جي شاعري ’ديس، درد ۽ تنهايون‘ عنوان سان ۽ استاد نظاماڻيءَ جون ڪهاڻيون ’پريمڪا‘ عنوان سان آيل آهن. هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا ۽ صفحا 111 آهن.



لفظ جاڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو