جاگري

جاگِريِ: هي مارواڙ جي هڪ ذات جو نالو آهي، جنهن کي عام طرح ’ماڙيـچـا‘به چوندا آهن. سنڌ ۾ جاگري ٻن صدين کان آباد آهن. انگريز حڪومت کين ڏوهاري قبيلو قرار ڏئي ساڻن خانه بدوشن وارو سلوڪ اختيار ڪيو، ڇاڪاڻ ته ’ٺڳن پنڊارين‘ جي ٽولن ۾ ’جاگري‘ به شامل هئا. سنڌ ۾ کين پيشي جي لحاظ کان سٺي نظر سان نه ڏٺو ويندو آهي. البته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪي جاگري مرد پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ درزڪو ڪم ڪن ٿا.



لفظ جاگريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو