جاکرا

جاکرا: سمن، ملاحن، مهاڻن ۽ پاڙهن جي پاڙن جو نالو آهي. هنن جو بڻ بنياد، سمن ۽ انڙن سان ملي ٿو. ايس صادق علي لکيو آهي ته: ”انڙ ولد سمي کي 28 پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’جاکرو‘ هو. جاکرا ۽ جکرا ان جو اولاد آهن، جن مان ٻگھيا، ڏيپر، ڏيٿا، ساهڙ، لاکا، هنڱورا، اڄڻ، مڱڻيپوٽا، ٻرا، ڀٽا، اراڌين ۽ پليجا پڻ آهن. ٺٽي ضلعي ۾ اڪثر ڪري هي ڍنڍن جي ڪناري ويٺل آهن. جوکين جي سالار قبيلي مان هڪ پاڙي جو نالو پڻ ’جاکرا‘ آهي، ليڪن هي ملاح نه آهن.“

هن نالي سان سکر ضلعي جي تعلقي روهڙي جي ديهه ’سن‘ ۾ هڪ ڳوٺ آباد آهي.



لفظ جاکراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو