جاڙو

جاڙو: مرد جو نالو جنهن جو مؤنث ’جاڙي‘ آهي. اصل ۾ جاڙو يا جاڙي انهن ٻن ٻارن کي چيو ويندو آهي، جيڪي هڪ ئي وقت تي گڏ ڄاوا هجن. اهي ٻه ٻار ٻه پٽ، ٻه ڌيئرون يا هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ به ٿي سگهن ٿا.

عام طرح جاڙا ٻار سڀاڳا ليکيا ويندا آهن. انهيءَ ڪري اهڙن ٻارن جو نالو ئي ’جاڙو‘ يا ’جاڙي‘ رکيو ويندو آهي. اهڙن نالن سان گهڻا ماڻهو سنڌ ۾ موجود آهن، ڪي شخص ناميارا به ٿيا. جن پنهنجا ڳوٺ ٻڌا ۽ ديهون به سندن نالي سان مشهور ٿيون. هيٺ انهن مان ڪي نالا ڏجن ٿا:

1- جاڙا واٽر: تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ گڏوگڏ لاڳيتا وهندڙ ٻه واٽر ڪورس.

2- جاڙا واهه: ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور بٺوري ۾ هڪ ديهه جو نالو آهي.

جاڙا نالي سان سنڌ ۾ هڪ ذات به رهندڙ آهي.



لفظ جاڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


جوڙو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاڙو
جوڙو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون