جاوتري

جاوتري: هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي. هيءَ ’جافر‘ جي کل آهي، جنهن ۾ جافر ڍڪيل رهندو آهي. ڳاڙهاڻ مائل هيڊي رنگ جي هيءَ کل ذائقي ۾ تمام تيز ٿئي ٿي، دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿي، وات ۾ خوشبوءِ پيدا ڪري ٿي. وائي باديءَ کي ختم ڪري ٿي، پيشابن جي گهڻائي، سيني ۽ ڦڦڙ جي رطوبت، مثاني ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي، نزلي کي خشڪ ڪري ٿي.



لفظ جاوتريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو