جاميٽري

جاميٽري1: پيمائش جو علم. جاميٽري رياضيءَ جي هڪ شاخ آهي، جنهن ۾ فضا ۽ فضا ۾ موجود شڪلين جي خاصيتن تي بحث ڪيو وڃي ٿو. قديمي تحريري دستاويزن ۾ جاميٽريءَ جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ان جي اهميت جو اندازو ٿئي ٿو. جاميٽري ٻن يوناني لفظن: ’جيو‘ (Geo)۽ ’ميٽر‘ (Metre) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ زمين ۽ ماپ آهي. قديم بابل ۽ يونان جا رهواسي فضا جي پئمائش متعلق اساسي ضابطن کان واقف هئا. لڳ ڀڳ ٽي هزار سال ق. م جي چيڪي مٽيءَ جي تختين تي ’قائمة الزاوي مثلث‘ جي مشهور خاصيت ڏيکاري وئي آهي. بابلي رياضيءَ ۾ قائمة الزاويه مثلث جو گهڻو ذڪر آهي، جن جي ضلعن جي ڊيگهه 3، 4، 5 جي متناسب آهي. قديم جاميٽري وجداني هئي، يعني جاميٽري خاص منطقي ثبوت کانسواءِ رڳو شڪل جي مدد سان تسليم ڪئي ويندي هئي.



لفظ جاميٽريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو