جامع مسجد خدا آباد

جامع مسجد خدا آباد

جامع مسجد خدا آباد

جامع مسجد خدا آباد: ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ٺهرايل هيءَ مسجد ھڪ ٿلھي تي ٺھيل آھي، جيڪو زمين کان اٺ فوٽ اوچو آھي. ٿلهو ڊيگھه ۾ 92 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 85 فوٽ آهي. مسجد ٽن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرئين ڀاڱي ۾ ٽي قبا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اندران ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آندل آھن. ڪاشيءَ جي مٿان گلڪاري ۽ چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آھي. مسجد جون ڀتيون ست فوٽ کن ويڪريون ٿينديون. وچون قبو 21 فوٽ ڊگھو ۽ 20 فوٽ ويڪرو آھي. باقي ٻه قبا 20x20 فوٽن جا آھن. قبن جون ڀتيون 11 فوٽ ويڪريون آھن. قبن جي اندران البزاريون نڪتل آھن، جن جي اندر خلاصو ماڻھو چوڌاري گھمي ڦري سگھي ٿو. ٻيو ڀاڱو، ايوان بنا ڇت جي 25 فوٽ ويڪرو ۽ 83 فوٽ ڊگھو ورانڊو نموني ٺھيل آھي، ان جون ڀتيون 11 فوٽ ويڪريون ٺھيل آھن. ٽي دروازا آھن، جن تي ڪنول جي گل جي گلڪاري ٿيل آھي. ھن ۾ ٽن قسمن جون ڪاشيءَ جون سرون، ساڍا 8 انچ اڇيون، نيريون ۽ سائي رنگ جون استعمال ٿيل آھن، جن کي ھڪ پاسي ليپو ڏنل آھي ۽ پاسي ڀر لڳل آھن. ان کان سواءِ ٻيون چونڪيءَ جون سرون ٽڪر ٽڪر ڳنڍي پوءِ ڪور ڪري بيھاريل آھن، بھترين نقاشي ٿيل آھي.

ٽيون ڀاڱو: مسجد جو وڏو ۽ ڪشادو ميدان، جنھن تي اٽڪل ڏيڍ ھزار جماعتي نماز پڙھي سگھن ٿا، ان جي ڊيگھه 90 فوٽ ۽ ويڪر به 90 فوٽ آهي. دروازو ڪشادو، مٿي چڙھڻ لاءِ زمين کان 10 ڏاڪا آهن. دروازو 8 فوٽ ڊگھو ۽ ساڍا پنج فوٽ ويڪرو ڪاٺ جو ٺھيل آھي. ھي جامع مسجد ميان يارمحمد ڪلھوڙي خداآباد تخت گاھه ڪرڻ کان پوءِ ترت ٺھرائي. هن وقت مسجد جون سرون ھنڌان ھنڌان اکڙيل آھن. وچون قبو ڏار ڏار ٿي پيو آھي. ھي مسجد محڪمه قديم آثار پاڪستان جي سنڀال ھيٺ آھي. هاڻي هن مسجد جي مرمت ثقافت کاتو سنڌ ڪرائي رهيو آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو