جاجڪ

جاجڪ: هن لفظ جي معنيٰ آهي، منگتو، مڱڻو، پينو فقير. هنديءَ ۾ ان کي ’جاچڪ‘ به چون ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي: ڀٽ، دهل وڄائڻ وارو، مڱڻهار. جاجڪ هندن ۾ هڪ ذات آهي، جيڪي خوشيءَ جي موقعن تي ڳائي وڄائي ساٺ سوڻ ڪن ۽ لاڳ وٺن ٿا. جاجڪ بنيادي طرح منگتو آهي، شاهه لطيف سُر سورٺ ۾ ٻيجل/ چارڻ لاءِ جاجڪ لفظ استعمال ڪيو آهي:

جاجڪ جهوناڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو.



لفظ جاجڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو