جائلس

جائلس: انگريزن جي دور ۾ سنڌ جو سورهون ڪمشنر، جيڪو سال 1898ع ڌاري ڪراچيءَ کان جيڪب آباد آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جون ذميواريون سنڀاليائين. هيءُ ڪيترن ئي سالن تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر، شڪارپور ۽ ڪراچي ضلعن جو ڪليڪٽر ۽ ضلعي (جيڪب آباد) ۽ ٿرپارڪر ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر رهي چڪو هو ۽ سهڻي نموني سان حڪومت جو ڪاروبار هلايو هئائين. ان ڪري کيس ڪمشنر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. هن ڏاهپ سان ڪمشنريءَ جي ذميوارين کي نڀايو. مسٽر جائيلس معمول ۽ روزمره جي ڪمن کان سواءِ جيڪي اهم ڪيا، سي هن ريت آهن: (1) 1898ع ۾ پليگ جي منحوس بيماري ڪراچيءَ ۾ ايڏي شدت سان آئي، جو ماڻهن جي مرڻ جو تعداد حد کان وڌي ويو. ان جي بچاءَ لاءِ صفائي، رهائش ۽ دوا درمل وغيره جو بهترين انتظام ڪيائين. (2) سال 1898ع جي آخر ۾ جائيلس ڪراچيءَ کان مختصر عملو ساڻ ڪري نڪتو ۽ سنڌ جي اڪثر ضلعن جو دورو ڪيائين. پهريائين نوشهري فيروز ۾ پهتو، سڄي ضلعي جا ڳوٺ ۽ شهر پنهنجين اکين سان ڏٺائين ۽ هر شيءِ آباد، غير آباد، ڪلر، نهري هُرلن ۽ کوهن وغيره جي پاڻيءَ جو معائنو ڪرڻ بعد سرڪاري ڍل گهٽ ڪرڻ جي باري ۾ تجويزون تيار ڪيائين.



لفظ جائلسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


فوجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽيٽو مارشل
جائلس
فوجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون