جاؤشير

جاؤشير: پسارڪي وکر طور ڪم ايندڙ هڪ قسم جو کؤنر آهي، جيڪو ڪاراڻ ۽ سفيدي مائل ڳاڙهي رنگ جو ٿئي ٿو. حڪيمن موجب هي فالج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، ٻنڌين ۽ نبض جي تقويت، مٿي جي سور، سنڌن جي سور، عرق النسا، مرگهي، کنگهه، جلندر، يرقان ۽ مثاني جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي. پيشاب کي جاري ڪري ٿو. هي نزلي ۽ دماغي بيمارين ۾ مفيد آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو