ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جو مقبرو

ثابت علي شاهه ڪربلائيءَ جو مقبرو

ثابت علي شاهه ڪربلائي

ثابت علي شاهه ڪربلائي: سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه پٽ سيد مدار علي شاهه سن 1153 هه (1740ع) ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. سيد ثابت علي شاهه جو وڏو ڏاڏو سيد نور محمد شاهه، مغل نواب اعظم سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيو. سن 1128 هه/ 1715ع ۾ نواب اعظم جي معزول ٿيڻ کان پوءِ شاهه صاحب ٺٽي مان لڏي سيوهڻ ۾ سڪونت پذير ٿيو. سيد نور محمد شاهه جي فرزند سيد مدار علي شاهه کي ٽي فرزند هئا. سيد ثابت علي شاهه، سيد احسان علي شاهه ۽ سيد فضل علي شاهه. هي سادات حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جي اولاد مان سڏيا وڃن ٿا. سيد ثابت علي شاهه جو پهريون استاد آخوند عبدالرحمان هو، جنهن جي حرمين شريفين وڃڻ کان پوءِ ثابت علي شاهه مُلي چاڪر کان قرآن پاڪ جي تعليم ۽ آخوند الياس کان فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. شاهه صاحب فقہ، تفسير ۽ علم عروض کان واقف هو. شاعريءَ ۾ سندس پهريون استاد مخدوم نورالحق مشتاقي هو ۽ آخر ۾ ميان سرفراز خان عباسيءَ سان هم مڪتب ٿي غلام علي مداح جو شاگرد ٿيو. فقہ ۽ تفسير ۾ سندس هم مڪتب قاضي مير لطف الله هو، جيڪو بعد ۾ مشهور عالم ٿيو. ڌشاهه صاحب، ميان سرفراز خان جو هم مڪتب هو. جڏهن پاڻ سنڌ جو حاڪم ٿيو، تڏهن ثابت علي شاهه ان جي درٻار سان وابسته رهيو. سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي ته شاهه صاحب ٽالپرن جي درٻار سان وابسته ٿيو. سيد ثابت علي شاهه، مير فتح علي خان (سن 1209هه/ 1794ع) جي دور ۾ ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪئي ۽ سن 1219هه/ 1804ع ۾ مير غلام علي خان جي دور ۾ مشهد مقدس (ايران) جي زيارت کان مشرف ٿيو. مير غلام علي خان، سيد ثابت علي شاهه کي سنڌ جي سفير جي حيثيت ۾ شاهه ايران لاءِ هڪ قرآن مجيد ۽ سنڌ جي ثقافت سان لاڳاپيل ڪجهه ٻيو سامان تحفي طور ڏياري موڪليو، شاهه ايران، فتح علي شاهه قاچار حضرت علي عليه السلام جا قدم مبارڪ (جيڪي اڄ به حيدرآباد ۾ هر خاص و عام جي زيارت لاءِ موجود آهن)، حضرت امام رضا عليه السلام جو لکيل قرآن مجيد ۽ ٻيو سامان تحفي طور سنڌ جي حاڪم لاءِ موڪليو.مشهد ميوزم ۾ سنڌ جي ٽن بادشاهن مير فتح علي خان ٽالپر، مير نور محمد خان ٽالپر ۽ مير محمد نصير خان ٽالپر طرفان ٽي قرآن مجيد به موڪليا ويا هئا. جيڪي ٻين نسخن سان گڏ اڄ به اتي رکيل آهن. ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دور ۾ خاص طرح سنڌي شاعريءَ ۾ تبديلي آئي ۽ عروضي شاعريءَ جو چالامان وڌيو، ان ڏس ۾ سيد ثابت علي شاهه سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ باقاعدي مرثيي نگاريءَ جو بنياد وڌو. مرثيه گوئي ۾ سندس پهريون شاگرد مرزا مراد علي بيگ هو. جنهن موزون شاعريءَ ۾ سنڌي مرثيا، سلام ۽ قصيدا چيا. سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام فصاحت ۽ بلاغت جي خوبين سان لبريز آهي ۽ هن ادبي نقطئه نگاهه کان مرثين ۾ نيون جدتون ۽ نوان اسلوب پيدا ڪيا. در حقيقت سنڌيءَ ۾ رزميه شاعريءَ جي ابتدا ثابت علي شاهه کان ٿي. عربي ۽ فارسيءَ جي آميزش سان گڏ محاورا، تشبيهون ۽ خيال به پهرين هن سنڌي مرثيي ۾ روانيءَ سان ادا ڪيا ۽ سنڌي شاعريءَ جو رخ بدلائي ڇڏيو. سيد ثابت علي شاهه جو ڪليات مرثين، مسدسن، مخمسن، قصيدن، سلامن، مثنوين، مناجاتن، نعتن ۽ منقبتن سان مالامال آهي. سندس سمورو ڪلام سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانن ۾ آهي. سنڌ ۾ سڀ کان پهرين سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام سندس مڪمل سوانح حيات سان گڏ سنڌ جي محقق ۽ اديب ميرزا عباس علي بيگ مرتب ڪيو، جيڪو 1984ع ۾ اسلامڪ اسٽڊي سينٽر ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيو. پروفيسر احمد شميم خان ”مطالعه سنڌ ۾ اردو شاعري“ ۾ ڄاڻايو آهي ته سيد ثابت علي شاهه، مير انيس ۽ ميرزا دبير جا مرثيا پڙهندو هو ۽ مرثيا پڙهندي کيس شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو ۽ مرثيا چوڻ لڳو. هن مير انيس ۽ ميرزا دبير جي مرثين جا ترجما ڪيا، جيڪا اها تاريخي حوالي سان غلط ڳالهه آهي. ثابت علي شاهه جي ولادت سن 1153 هه/1740ع ۾ ۽ وفات سن 1225 هه/1810ع ۾ ٿي، جڏهن ته مير انيس جي ولادت 1220هه/1805ع ۽ وفات 1291 هه/1874ع ۾ ٿي هئي ۽ مرزا دبير جي ولادت 1218 هه/1803ع ۾ ۽ وفات 1292 هه/1875ع ۾ ٿي. ان مان پتو پوي ٿو ته مير انيس ثابت علي شاهه جي وفات وقت 5 سالن جو هو ۽ مرزا دبير اڃا ستن سالن جو مس هو ۽ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنڌ جي شاعر ثابت علي شاهه اردو مرثيي جي وڏن شاعرن کان اڳ مرثيا لکيا هئا. شاهه صاحب مرثين ۾ پنهنجو تخلص ”ثابت“ ۽ ”زوار“ ڪم آندو آهي. سيد ثابت علي شاهه 27 جمادي الثاني سن 1225 هه/1810ع ۾ وفات ڪئي، کيس سيوهڻ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس عاليشان مزار اڄ به موجود آهي. سيد ثابت علي شاهه جو ڪلام 2008ع ۾”رڻ گجيو راڙو ٿيو“ عنوان سان ڇپيو آهي، جيڪو مرزا نجم الحسن جو ترتيب ڏنل آهي.


لفظ ثابت علي شاهه ڪربلائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1740.00.00  عيسوي

سيد ثابت علي شاهه سن 1153 هه ( 1740ع ) ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو


1810.00.00  عيسوي

سيد ثابت علي شاهه 27 جمادي الثاني سن 1225 هه/1810ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد محسن پاٽولي ٺٽوي
شاهو خان زنگيجو
سيد عبدالرشيد ٺٽوي
گل محمد رند
خوش خير محمد هيسباڻي
الماس سنڌو
سامي چئنراءِ لُنڊ
مير صوبدار خان مير ٽالپر
شاڪر شجاع آبادي
خليل لاشاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون