تڏ

تڏ

تڌ

تِڏِ Cricket :جيت جو هڪ قسم. هي پوکن ۽ ڪپڙن وغيره کي نقصان رسائيندڙ جيت آهي، جنهن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جهڙوڪ: (1) گهرُو تِڏ جيڪا اڇي رنگ جي ٿيندي آهي ۽ ان کي ٻه وڏا وار مُڇن وانگر ٿيندا آهن ۽ ڪپڙن ۽ ڪــاغـذن کــي ٽُڪــيندي آهــي (2) وڻن جي تِڏ يا ’آر‘، جيڪا وڻ جي ڏار يا ٽاريءَ تي`لاڳيتو سيٽيءَ جهڙو آواز ڪندي رهندي آهي، ۽ (3) پوک جي تِڏ جيڪا سلن کي اُڀرڻ وقت، کائي، ٽپڪيون ڏئي اُڏامي پري وڃي پوندي آهي. هن جا عام طرح ٻه قسم ٿيندا آهن: (i) هڪ اڇو، (ii) ڪارو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو