تَمراڻي

تَمراڻي: تمر فقير، شاهه لطيف جو هڪ مشهور فقير هو، جنهن شاهه جي راڳ کي شاهه کان پوءِ عام ڪيو، هن فقير جي اثر هيٺ ٻيا به ڪيترا فقير هئا، جيڪي سندس پوئلڳيءَ ۾ پاڻ کي ”تمراڻي“ چوائڻ لڳا، هڪ ٻيءَ روايت موجب تمراڻي، بلوچ هئا. بروهين ۾ جهالاواني قبيلي بزنجي مان پڻ ”تمراڻي“ هڪ پاڙي جو نالو آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو