تولو

تولو

تولو

تولو (Tulu) (ٻولي ):هن ٻوليءَ کي تال- ٿالو، تالو، تولووا ڀاشا پڻ چيو وڃي ٿو. هندستان جي آنڌرا پرديش، ڪيرالا، ڪسوگاڊ ضلعن ۾، تامل ناڊو، مهاراشٽر، ڪرناٽڪ، ڏکڻ ڪنڙا ۽ اتر پرديش ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. 1997ع جي رپورٽ موجب هن ٻوليءَ جا 1949000 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. هي دراوڙي خاندان جي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ کي پنهنجو رسم الخط آهي، جنهن کي تولو سڏبو آهي. هي ڏکڻ هندوستان جي پنجن دراوڙي ٻولين مان هڪ آهي ۽ 2.5 ملين ماڻهن جي مادري زبان آهي. هن جا ڪل چار لهجا آهن. (1) برهمڻي لهجو، (2) جيني لهجو، (3) عام رواجي لهجو ۽ (4) هريجني لهجو. برهمڻي، لهجي ۾ سنسڪرت جا لفظ گهڻا آهن. جيني لهجو تولوناڊو جي جين ڌرم وارن جو آهي. عام ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿو، ان رواجي ۽ هيٺئين طبقي طرفان ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ کي هريجن لهجو چئجي ٿو. هن ٻوليءَ جو رسم الخط گرنٿا مان نڪتل آهي .


لفظ تولوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو