توت

توت

توت

تُوتMorsalba/India:مشهور ميويدار وڻ، جنهن ۾ ننڍين ڦرين وانگر ميوو ٿيندو آهي. ان جي هڪ قسم کي ’شهه توت‘ به چوندا آهن. هن مشهور ميوي جا ٻه ٻيا قسم ٿيندا آهن: کٽا تُوت ۽ مٺا تُوت. کٽا توت، ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جا ۽ مٺا توت سائي رنگ جا ٿيندا آهن. طبي لحاظ کان دل ۽ دماغ کي فرحت ڏين ٿا، بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، رت چڱو پيدا ڪن ٿا. هن وڻ جي پنن تي پٽ ڪينئان پاليا ويندا آهن. شهه توت جو وڻ هماليه جي پهاڙن ۾ قدرتي طور ڦٽي ٿو. اُن جو قد وچولو ٿيندو آهي ۽
سياري جي موسم ۾ پن ڇاڻيندو آهي. طبي خوبين جي ڪري هن وڻ کي ميداني علائقي ۾ پڻ پوکيو ويندو آهي. هن جي ميوي جو مربو تيار ڪيو ويندو آهي. هن جا گل نهايت خوبصورت ٿيندا آهن.


لفظ توتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو