تنڪو

تنڪو

تنڪو

تنڪو

تنڪو

تنڪو: تنڪو دهليءَ جي سلطانن طرفان جاري ڪيل سڪو هو ، جنهن کي فيروز شاهي رپيو به چوندا هئا . ارغونن جي دور ۾ به چانديءَ جو سڪو تنڪو ‘ هوندو هو ، جنهن جو وزن 175 گرين هو . ٽڪو شايد هن جي بدليل صورت آهي ، جيڪو 1964ع تائين سنڌ ۾ به رائج رهيو . هن وقت بنگلاديش جي سڪي جو نالو تڪا آهي .
محمد بن تغلق هندستان تي 1325ع کان 1351ع تائين حڪومت ڪئي ، توڙي جو هو عالم ۽ وڏو خطاط هو ، پر سندس حڪومت جو سمورو عرصو ويڙهه ۽ بدنظميءَ ۾ گذريو ، جنهن ڪري هميشه وٽس پئسي جي اڻاٺ رهي ، جڏهن ته هن کان اڳي ’تنڪو ‘ سون جو ۽ بعد ۾ چانديءَ مان ٺاهيو ويندو هو ، پر 1330ع ۾ ٽڪسالن سندس حڪم تي چانديءَ جي بدران ’تنڪا ‘ پتل مان ٺاهڻ شروع ڪيا ، جيڪي ڏسڻ ۾ تمام گهڻو خوبصورت هئا ، جن جي ٻنهي پاسي سهڻي نموني جي خطاطي ٿيل هئي ، پر پتل جي ٽڪساليءَ سبب ، ان وقت پنهنجي اصل قيمت برقرار رکي نه سگهيو ، خاص ڪري ٻاهرين واپارين ’تنڪا ‘ سڪي کي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، جنهن ڪري ڪجهه سالن اندر ئي انهيءَ سڪي کي چانديءَ ۾ ٽڪساليو ويو ، ٻيهر ٽڪساليل سڪو هڪ صدي تائين هندستان ۾ رائج رهيو .
1330ع ۾ محمد بن تغلق طرفان جاري ٿيل تنڪي جي هڪ طرف ڪلمو لکيل آهي ۽ چوڌاري سن ۽ ضربخاني جو نالو لکيل ملي ٿو ، ٻئي طرف چوڌاري چئن خليفن جا نالا ۽ وچ ۾ ” المجاهد في سبيل الله محمد بن تغلق شاه “ لکيل ملي ٿو . اهي ٽامي ۽ پتل جا تنڪا سنڌ ۾ چانديءَ جي قيمت هلايا ويا ۽ گهڻو عرصو سنڌ ۾ گردش ڪندا رهيا . تنڪي ۾ 64 جيتل ( ڏسو: جيتل ) هئا ، تنڪا سنڌ ۾ ٺٽي ، بدين ، سيوهڻ ۽ اروڙ مان لڌا آهن .


لفظ تنڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو