تندرستي

تندرستي (رسالو ):صحت جي حفاظت تي سنڌي ٻوليءَ جو هي پهريون رسالو ڊاڪٽر بولچند پرسرام 1900ع ۾ جاري ڪيو. ڊاڪٽر بولچند سنڌ جو پهريون ڊاڪٽر هو، جنهن هيءَ ڪوشش ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ ’حفظ صحت‘ تي ڪيترا رسالا جاري ٿيا. هي رسالو ڪجهه وقت نڪري بند ٿي وري جنوري 1912ع کان نڪرڻ لڳو. ڏنو مل بصر مل هن رسالي جو ڪجهه وقت مئنيجر ۽ پبلشر رهيو. ساڳئي نالي سان هڪ ڪتاب ڏيئومل محبوب راءِ چنديراماڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 18 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 2 آنا 6 پايون آهن. ليکڪ، سدا بهار پريس، لاڙڪاڻي، مان سال 1921ع ۾ ڇپايو. هن نالي سان ٻيو ڪتاب سنياسي سروپ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 22 صفحا آهن ۽ قيمت ڇهه آنا آهي. ڇاپو پهريون، سيٺ ارجنداس موهنداس شڪارپوريءَ موتي پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان سال، 1940ع ۾ ڇپايو .


لفظ تندرستيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو