تنجڻ

تَنجَڻُ (Swalling Cloth ):ننڍڙي ٻار جي ڄنگهن ۽ ٻانهن کي سنئون ڪري ٻڌڻ جو ڪپڙو، جيئن ٻار جا عضوا سهڻا، سڌا ۽ سڊول ٿين. هي ڏيڍ ميٽر کن ڪپڙي جو ٽُڪر ٿيندو آهي، جنهن سان ننڍڙي ۽ نئين ڄاول ٻار کي ٻڌي سُمهاربو آهي. ان سان هڪ ته ٻار جا عضوا سڌا ۽ سهڻا ٿيندا آهن، ٻيو جيڪڏهن ننڊ ۾ ٻار ڇرڪ ڀريو ته سندس صحت تي ڪو اثر نه پوندو آهي. اتر ۾ هن کي ’ٻنڌڻ‘ به چون، اهو نه صرف سنڌ ۾ پر پاڪستان جي ٻين صوبن جي به رواج ۾ به آهي .


لفظ تنجڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو