تعميا

تعميه: هي تعبيه جي هم معنيٰ لفظ آهي. ماده تاريخ جي عددن ۾ ڪمي هجي ته ان کي مناسب لفطن جي عددن سان پورو ڪيو وڃي. جيئن ته سنه 1320هه ميرزا قاسم علي بيگ جي شيرين سخنيءَ تي ميرزا ٻڍل بيگ قطعه تاريخ چئي. ”پيڪ شيرين سخن“ مان ڳولي سنسر حاسد ڪپي برابر ڪر”پيڪ شيرين سخن“ جا عدد 1312 آهن، تنهن ۾ حاسد جي ”ح“ جا 8 عدد جوڙ ڪبا ته مطلوبه سال 1320هه نڪرندو.حضرت امام حسين عليه السلام جي سال ولادت ۽ سال شهادت جي تاريخ سڪندر علي ميرزا جرار هيئن ڪڍي آهي:عيان ٿي دال مان ”دين“ جي ولادتِ شبيربچيل حروف مان ظاهر شهادتِ شبير عني ولادت جو سال ”د“ برابر سنه 4 هجري ۽ شهادت جو سال ”ين“ برابر 60 هجري جي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو