تعزير

تعَزِيرُ: شرعي حڪم ڀڃڻ جي سزا. هن لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”منع ڪرڻ“ يا ”ملامت ڪرڻ“ شريعت ۾ اها سزا آهي، جيڪا انهيءَ ڏوهه ۾ ڏجي ٿي، جنهن جي حد مقرر ڪانهي. هن سزا جو مقصد آهي ڏوهاريءَ کي ٻيو ڀيرو ڏوهه ڪرڻ کان روڪڻ. اسلامي شريعت ۾ سزا جا ٽي نمونا هوندا آهن: هڪڙي سزا الله تعاليٰ طرفان مقرر ڪيل آهي، ان سزا ۾ حڪومت يا حڪمران کي ڪو اختيار نه هوندو آهي. باقي خود بندي کي اختيار ڏنو ويو آهي ته الله تعاليٰ کان بخش ڪرائي، جنهن سزا کي ”ڪفاره“ چوندا آهن .


لفظ تعزيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو