ترڪو

تَرڪو: فوتيءَ جي ڇڏيل ملڪيت، ورثو، ورثي ۾ آيل حصو (نقد، ڳهه، جائداد ۽ چوپايو مال وغيره). ميين عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪلام جو هڪڙو اهم موضوع اهو به آهي ته فوتيءَ جي ڇڏيل ملڪيت جا شريعت موجب ڪير ڪير وارث ٿي سگهن ٿا. انهن مسئلن تي فيصلي واري انداز ۾ ڪيترن عالمن لکيو آهي، پر ميين عبدالرحيم گرهوڙيءَ تفصيل سان لکيو آهي .


لفظ ترڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو