ترنجبين

ترنجبين: هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي، جيڪو ماڪ وانگر ڪنڊن وارن وڻن تي پوندو آهي، ۽ مُستيءَ يا کنڊ جي ڳوڙهن وانگر داڻا داڻا ٿي پوندو آهي. ذائقي ۾ مِٺو ٿيندو آهي. سنڌ ۾ ترنجبين اڪثر ڪانڊيري يا لئي جي پنن تي ڳاڙهين ڳوڙهين جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هن کي ڳوٺن ۾ شَڪَر چون ٿا .


لفظ ترنجبينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو