ترسيل

ترسيل

ترسول

ترسول/ ترشول (Trishula ):لفظ ترسول/ ترشول لاطيني ٻوليءَ جي لفظ Tridentis مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٽِن ڏندن وارو يا ٽِن شاخن وارو. جڏهن ته هندستان جي ڪيترين ئي ٻولين ڳالهائڻ وارن مطابق اهو لفظ سنسڪرت يا پالي ٻوليءَ مان نڪتو آهي.
هي ٽن ڪُنڊن واري ڀالي جو هڪ قسم آهي. اڳوڻي زماني ۾ ڏکڻ ۽ وچ اوڀر وارين آمريڪي رياستن، يونان ۽ روم جي رياستن ۾ مڇي مارڻ (Fishing)، سامونڊي شڪار ۽ جنگي مقصدن لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو هو. جيتوڻيڪ ترشول جي تاريخ ڏند ڪٿائي ۽ لوڪ روايتن تي منحصر آهي، پر جديد ثقافت ۽ مذهبي عقيدن موجب ترشول کي وڏي اهميت حاصل آهي.
يونان جو سامونڊي ديوتا پوزيڊان ۽ نيپچون (سج جو اٺون گرهه) جي تصويرن ۾ به ترشول چٽيل آهي. روايتن موجب پـوزيــڊان ديـوتـا ســمـنــڊ ۾ گهوڙيسواريءَ وقت سمنڊ مٿان تهه ٿيل گجيءَ کي ترشول سان هٽائي، اڳتي وڌندو هو. پوزيڊان کي سامونڊي ديوتا طور مڃيو وڃي ٿو، ساڳئي وقت ڌرتيءَ کي لوڏيندڙ ديوتا طور به تصور ڪيو ويندو آهي. هو جڏهن ڪاوڙ وچان ڌرتيءَ کي لوڏيندو هو ته اٿندڙ زلزلن ۽ سامونڊي طوفانن جي لهرن جي زور کي ترشول ذريعي جهَڪو ڪندو هو.
تاريخي ۽ ڏند ڪٿائي لحاظ کان ترشول کي مختلف رياستن ۽ قومن ۾ نشانين طور به استعمال ڪيو ويو آهي، جن مان ڪجهه هي آهن:
(1) هندن جو ڀڳوان شِو، ترشول کي هٿيار طور استعمال آندو هو.
(2) باربيداس ملڪ جي قومي جهنڊي ۾ ترشول نشاني طور استعمال ٿيل آهي،
(3) روس جي تنظيم National Alliance of Russian Solidarity ۾ ترشول نشاني طور استعمال ٿيل آهي،
(4) سويڊن جي رينجرز Kustjagrana جي نشانيءَ طور استعمال ٿيل آهي،
(5) روس جي جمهوري رياست يوڪرائين جي پٺتي پيل ۽ غلام قومن جي نشانيءَ آهي،
(6) راڻي وڪٽوريه جي دور کان اڳ برطانيا جي بحري طاقت جي نشانيءَ طور استعمال ڪيو ويندو هو.
(7) آمريڪا جي بحري فلاحي اداري جي نشاني، جيڪي ترشول جي ٽن شاخن کي سمنڊ، هوا ۽ زمين طور تصور ڪندا آهن.
(8) يونيورسٽي آف مذوري سينٽ لوئيس جي ائٿليٽ ٽيم جي نشانيءَ ۾ ترشول استعمال ٿيل آهي.
(9) نيپال جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو انتخابي نشان آهي
هندن جي عقيدي موجب ترشول کي خوشحالي ۽ ٻَل (طاقت) جي نشاني تصور ڪيو ويندو آهي. سندن عقيدي موجب ترشول جي ٽن شاخن کي پنهنجي معنيٰ آهي، يعني: اُپائيندڙ، وڌائيندڙ ۽ ناس ڪندڙ، سندن ٻئي عقيدي موجب ٽن شاخن جو مطلب زمان ماضي، حال ۽ مستقبل آهي. ظلمن کي ناس ڪندڙ هندن جي ديوي درگا ۽ ٻين ديوين ۽ ديوتائن جي هٿن ۾ ترشول ڏيکاريو ويو آهي. پر ترشول جو بُڻ بنياد شِو ۽ پوزيڊان ديوتا کان ئي آهي.
اڄ ڪلهه ’ترشول‘ کي هندن جي مندرن، مڙهين ۽ پوڄا جي ٻين جاين تي چٽيو ويندو آهي. يوگين جي تپسيا جي جاين تي به وڏا ترشول لڳايا ويندا آهن.


لفظ ترسولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو