ترب

تُرپُ: تاس (پتن) جي پيس ڪوٽ راند ۾ پهرئين رانديگر طرفان ٻوليل مکيه رنگ (جنهن کي باقي ٽن رنگن تي فوقيت حاصل رهندي)، ان کي ”حُڪم وارو رنگ“ به چوندا آهن. تاس جي پتن جي سڃاڻپ، ڪاري، لال پان، ڦُلو ۽ چونڪڙيءَ (ايٽ) جي نشانن سان ٿيندي آهي، جن کي ٻين نشانن سان به ٻولائيندا آهن؛ مثلاً حڪم، پان، چِڙيا ۽ اِيٽَ .


هن صفحي کي شيئر ڪريو