تحريڪ ميانوال: ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي هيءَ تحريڪ سنڌ ۾ ’ميان وال تحريڪ‘ جي نالي سان مشهور ٿي. هن تحريڪ جا ٻه مقصد هئا. هڪ ماڻهن ۾ تزڪيه نفس وسيلي اتحاد ۽ تنظيمي صلاحيتون پيدا ڪرڻ ۽ ٻيو قربانيءَ جي سکيا ڏيئي هڪ اهڙو گروهه پيدا ڪرڻ، جيڪو اقتدار تي قبضو ڪري مغل راڄ جي بالادستيءَ جو خاتمو آڻي .ميان آدم شاهه ڪلهوڙي پنهنجي هن نئين تحريڪ جو بنياد بلوچي عصبيت تي رکيو، جنهن ڪري بهاولپور، ملتان، اُچ، ديرا غازي خان، سبي ۽ گنڌا واهه جا بلوچ قبيلا سندس مريد ٿيندا ويا. هر تحريڪ ٻن گروهن ۾ ورهايل هوندي آهي، جنهن کي صوفين جي زبان ۾ جمالي، جلالي ۽ جديد زبان ۾ انتهاپسند ۽ اعتدال پسند چئبو آهي، يعني هڪڙا ڪارڪن جوشيلا ۽ جذباتي هوندا آهن، جيڪي تحريڪ جي اصولن ۽ متن سان بيحد پيار ڪندا آهن. ان ڪري اهي ڪڏهن به پارٽيءَ جي اصولن ۾ نرمي قبول نه ڪندا آهن. ٻيا وري ماحول ۽ حالتن مطابق مصلحت کان ڪم وٺي تحريڪ جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان ڪري هر تحريڪ اندر اهڙن ٻنهي گروهن جي وچ ۾ جيڪو نمايان فرق هوندو آهي، تنهن کي قيادت مختلف نالا ڏيندي آهي. مثال طور: حر جماعت جي جوشيلن ۽ گرم ڌر جي ڪارڪنن کي ’فرقي‘ ۽ مصلحت پسندن کي (سالم) ڪري سڏبو آهي. ساڳئي طرح ميان آدم شاهه جا مريد پڻ ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا. هڪڙن کي ’فقير‘ سڏيو ويندو هو، جيڪي فل ٽائيم ورڪر هوندا هئا، پارٽيءَ جي پروپئگنڊا، تحريڪ اندر نون ڪارڪنن کي شامل ڪرڻ، پارٽي ليڊر جي شخصيت جو تاثر جوڙڻ ۽ تحريڪ جي مقصدن کي عوام تائين پهچائڻ جو ڪم ڪندا هئا. ٻيو گروهه اهڙن مريدن جو هو، جن جو ڪم هو زمين خريد ڪرڻ، نوان ڳوٺ ٻڌڻ، تحريڪ لاءِ پئسو مهيا ڪرڻ ۽ جدوجهد دوران مقصد تحت پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ. هن گروهه کي ’سرائي‘ چوندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهڙن ڪارڪنن جو واسطو سنڌ جي سري، بهاولپور، ديره غازي خان ۽ سبي وغيره سان هو. سندن زبان سرائيڪي هئي، ان ڪري زبان جي بنياد تي کين ’سرائي‘ جو لقب مليو. مهدويت جي اصول مطابق هجرت لازمي هئي، ان ڪري سرائيڪي زبان جي ڳالهائيندڙ ڪارڪن پنهنجي مرشد سان وفاداريءَ جي سلسلي ۾ سنڌ ڏانهن هجرتون ڪرڻ لڳا، انهيءَ لڏپلاڻ سبب نون آيل بي گهر ماڻهن جي آبادڪاريءَ لاءِ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي وڌيڪ زمين ۽ پئسي جي ضرورت محسوس ٿي، جنهن ڪري هن ڀروارن زميندارن جي زمينن تي قبضو ڪري هٿ آيل زميون مريد هارين ۾ ورهايون، جڏهن اها شڪايت بکر سرڪار ملتان جي مغل گورنر کي ڪئي، جنهن ميان جي تحريڪ جي مقبوليت ۽ وڌندڙ طاقت کان ڊڄي کيس مارائي ڇڏيو. ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي شهادت بعد سندس پٽن الياس محمد ۽ شاهل محمد سندس تحريڪ کي جاري رکيو، نتيجي ۾ ميان شاهل کي پڻ گورنر مغل طرفان قتل ڪرايو ويو. جنهن بعد تحريڪ جي قيادت ميان نصير محمد جي نصيب ۾ آئي، جنهن لاڙڪاڻي مان لڏي اچي ضلعي دادوءَ جي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جي ڳاڙهي نالي جاءِ تي نئون ڳوٺ ٻڌايو ته جيئن بکر سرڪار جي مرڪز کان پري رهي تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط بنائي، ان لاءِ ضروري هو ته دربار جي سازشن ۽ چغلخورن طبقي کان محفوظ رهي سگهي ۽ ضرورت وقت جابلو علائقي ۾ پناهه حاصل ڪري سگهي. ميان نصير محمد پنهنجي تحريڪ کي راز ۾ رکڻ واسطي پنهنجن فقيرن ۽ مريدن کي حڪم ڪيو ته هو سواءِ هڪ ٻئي جي ٻئي ڪنهن سان نه کائين ۽ نه وري شاديون وغيره ڪن. اها ساڳي رسم مهدوي طريقي ۾ پڻ رائج آهي. ميان جي انهيءَ حڪم قبيلائي عصبيت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، ان ڪري سنڌي سماج ۾ نسلن جي بنياد تي طبقا ٺهيا ۽ اوچ نيچ جو سوال پيدا ٿيو، اڄ تائين ميان وال طريقي جا ماڻهو ڪن ذاتين جو پاڻي ۽ ماني نه کائيندا آهن. هر تحريڪ کي سڃاڻپ واسطي سندن ڪي نه ڪي خاص نعرا ۽ نشان هوندا آهن، ان ڪري ميان نصير محمد به پنهنجي تحريڪ جو نعرو ’الله توهار‘ لفظ سان متعارف ڪيو. روٽ (ماني) ورهائڻ سماع ڪرڻ، سفر تي رواني ٿيڻ وقت، هڪ ٻئي کان موڪلائڻ وقت، هر هلائڻ وقت، فيصلي ڪرڻ بعد جماعتي بار بار الله توهار جا نعرا هڻندا آهن. ميان آدم شاهه ڪلهوڙو ۽ سندس اولاد سهروردي طريقي جا بزرگ هئا، ان ڪري ميان نصير محمد هن عوامي نعري کي قبول ڪيو، پر انهيءَ سان گڏ ميان نصير محمد پنهنجي تحريڪ جي جدا تشخص کي قائم رکندي تحريڪ جي نشان طور پنهنجن فقيرن (ڪارڪنن) کي ڪاري رنگ جي کٿي ڪلهي تي رکي هلڻ يا پائڻ جو حڪم ڪيو. ڪارو رنگ، عباسي خليفن جي درٻار جو رنگ هو ۽ چادر ڍڪڻ اهل تصوف وارن جي اهم نشاني تصور ڪئي ويندي هئي، صوفي هميشه صوف جي ڪاري چادر ويڙهيندا هئا. اها ساڳي رسم عيسائي راهبن ۽ ٻوڌي ڀڪشوئن وٽ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪي تارڪ الدنيا بنجي جهنگلن، جبلن جي غارن ۾ چلا ڪڍي تپسيائون ڪندا آهن. جيئن ته مذهبي عقيدي پرست، پير هجڻ سان گڏوگڏ ڪلهوڙا ملڪي سياست ۾ مغل سلطنت شاهي کان آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا هئا، ان ڪري ميان نصير محمد ڪلهوڙي بغداد جي عباسي خليفن ۽ صوفي بزرگن سان نسبت قائم ڪرڻ واسطي ڪري رنگ جي چارد پائڻ جو حڪم ڪيو، اڃا تائين سنڌ ۾ ميان وال جنائي فقير جن ڪڍڻ مهل ڪاري رنگ جي کٿي جي چادر جو پلو هڻي الله توهار ڪندا آهن. سهروردي فرقي جي بزرگن وٽ سماع ۽ رقص رائج آهي ۽ ان تي هو وجد ۾ اچي ذڪر ڪندا آهن. ڪلهوڙن جو ميان وال طريقو به سهروردي طريقي جي هڪڙي شاخ هئڻ سبب ميان نصير محمد ماڻهن جي نفسياتي مونجهاري کي دفع ڪرڻ ۽ عوامي جدوجهد کي موثر طور تي منظم ڪرڻ لاءِ سرندي جو ساز ٻڌڻ ۽ وڄائڻ جو حڪم ڪيو، ڇاڪاڻ ته سرندي جو ساز مٺو ۽ تاثير رکندڙ ساز آهي. هن ساز جي آواز تي راجا راءِ ڏياچ پنهنجو سر وڍايو هو. ان کانسواءِ هي ساز سنڌ، بلوچستان، ڪڇ ۽ راجستان ۾ عام مقبول ساز آهي، ان ڪري ميان وال فقير پنهنجي قيادت جي حڪم موجب اڄ تائين سرندي جي ساز کي پسند ڪندا ۽ وڄائيندا آهن. ميان وال فقير ۽ مريد پنهنجي هر محفل جي شروعات سرندي جي ساز سان شروع ڪندا آهن ۽ آخر ۾ ’آزي‘ (عاجزي) پڙهندا آهن، جنهن ۾ ٻه ماڻهو شامل هوندا آهن. اهي وڏي ۽ سريلي آواز سان پنهنجي قيادت (مرشد) تي اعتماد جو اظهار ڪندا آهن ۽ باقي ويٺل جماعت الله توهار اکر کي ورجائي انهن ’آزي‘ پڙهندڙن جي تائيد ڪندا رهندا آهن. ’آزي‘ پڙهڻ کان پوءِ سڄي جماعت جا ماڻهو هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائڻ ۽ هڪ ٻئي جا هٿ چمڻ شروع ڪندا آهن. آزي (عاجزي) پڙهڻ کان اڳ ۾ ڪارڪن شادمانه (خيرات) ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن ڪارڪن کان ڪا غلطي ٿي ويندي آهي ته پوءِ مٿس ڏنڊ وڌو ويندو آهي، جيڪو ڀري ڏيڻ لاءِ فقير پاڻ کي ٻڌل رکندا آهن، انهيءَ ڏنڊ کي ’خوشي‘ چوندا آهن، هر تحريڪ جي ڪاميابيءَ ۾ پئسي کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. تحريڪ جي مالي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ واسطي شادمانا (خير) ۽ خوشي (ڏنڊ) مان ٻه حصا پنهنجي مرڪزي قيادت (مرشد) لاءِ ڌار ڪڍيا ويندا آهن ۽ باقي حصا ڪارڪنن (فقيرن) ۾ تقسيم ڪيا ويندا آهن. مهدي تحريڪ جي اثر هيٺ ميانوال تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي مرڪز کي ’دائرو‘ چوندا آهن، جتي سڀئي ڪارڪن گڏجي پنهنجي روحاني رهبر کان رهبري حاصل ڪندا آهن ۽ ان سان گڏجي عبادت پڻ ڪندا آهن، جيئن اثنا عشري فرقي وٽ امام بارگاهه ۽ اسماعيلن ۾ جماعت خانه هوندا آهن. دنيا جي هر هڪ قوم جي تاريخ ۾ ڪي ڏينهن معنيٰ ۽ اهميت رکندا آهن. قومن جي تاريخ جو آغاز هميشه انهن ڏينهن کان ٿيندو آهي. جان جي قرباني پيش ڪرڻ مهدي طريقي جو اهم اصول آهي، جيئن ته ميان وال تحريڪ به مهدوي طريقي کان متاثر هئي. ان ڪري جاني قرباني واري اصول کي ميان وال طريقي ۾ پڻ خاص اهميت حاصل آهي. ميان آدم شاهه ڪلهوڙي پنهنجي تحريڪ جو آغاز حج جي ڏينهن کان ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن کي حضرت اسماعيل عليه السّلام جي قربانيءَ جو ڏينهن تصور ڪيو ويندو آهي. هي ڏينهن هونئن ته هر طبقي جا مسلمان ملهائيندا آهن، حج واري ڏينهن ميان وال طريقي جا ماڻهو، مرد خواه عورتون، ڪلهوڙن جي مقبرن ۽ مزارن تي وڃي جانورن جون قربانيون ڪندا آهن، ميلا ۽ ملاکڙا ڪرائيندا آهن. عورتون خوشيءَ مان سهرا ۽ ڳيچ ڳائينديون آهن. مرد سرندي جي ساز تي الله توهار جا نعرا هڻندا، جهمريون پائيندا آهن، پنهنجي مرشد سان وفاداري ۽ قربانيءَ جو قسم کڻندا آهن. مريد اهڙن ميلن ملاکڙن کي ميان جو حج چوندا آهن. اڄ به سنڌ ۾ اهڙا حج ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد، ميان نصير محمد، ميان يار محمد، ميان نور محمد، گاجي شاهه کوسو، عبدالله شاهه گودڙيو (هي بزرگ به کوسو هو)، پنجو سلطان'>شاهه پنجو سلطان ڏهوٽ ۽ ٻين اهڙن بزرگن جي مقبرن تي لڳندا آهن. اهڙي طرح تزڪيه نفس جي بنياد تي ميان نصير محمد ڪلهوڙو، سنڌ جي ماڻهن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ ۽ کين سياسي طور تي منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن ڪري هنن مغل سلطنت جي قانون کي سنڌ اندر بي اثر بنائي ڇڏيو، هڪ روايت موجب ميان، دهليءَ جي قاضين کي (قانون) سنڌ ۾ اچڻ بعد عورتون بنائي ڇڏيو، جنهن ڪري کيس عوام طرفان ’مظهر العجائب‘ جو لقب مليو. سندس ڪاري کٿي هيٺان اچڻ ۾ سنڌ واسي پنهنجي نجات سمجهڻ لڳا، سندس وصال بعد سندس لائق فرزند، ميان يار محمد ڪلهوڙي ميانوال تحريڪ جي قيادت ڪئي ۽ هن جي دور ۾ تحريڪ پنهنجي نصب العين کي حاصل ڪري ورتو. مغلن کي پنهنجي شڪست قبول ڪري ميان يار محمد سان ٺاهه ڪرڻو پيو ۽ ميان پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار رياست جو بنياد رکيو، اهڙيءَ طرح هن تحريڪ ميان غلام شاهه جي دور تائين صدين کان پوءِ ملڪي وحدت کي قائم ڪري ورتو. آزي (ميان وال تحريڪ وارن جي دعا ):بسم الله الله توهار! چئو ساٿيو! الله توهار!! آزي ڪيون ٿا، الله جي در تي؛ ان جي پاڪ رسولصه، ۽ پنجتن پاڪ جي صدقي، صدقي سڀني بزرگن، ولين ۽ شهيدن جي، صدقي شهيد ميان آدم شاهه جي، صدقي ميان شاهل محمد جي، صدقي ميان دين محمد جي، صدقي ميان نصير جي، صدقي مين يار محمد جي، ميان نور محمد، ميان غلام شاهه، ميان سرفراز، ميان غلام نبي، ميان عبدالنبي شاهه جي، صدقي شاهه گودڙئي، شاهه پنجي، سڀني سڳورن، ولين ۽ شهيدن جي، اچو ته ساٿيو آزي ڪيون، چئو الله توهار! اچو ته جهولي ڦهلايون، ڌڻيءَ جي در، مولا! شل خير هجي، هن ڌرتيءَ جو، آباد رهن، هر جنجل کان آزاد رهن، منهنجا مارو، منهنجا مارو، منهنجا ماڻهو، خوشحال رهن! ڀاڳين جا ڀاڻ سلامت، عظمت جا اهڃاڻ سلامت، مارو مرڪن، چهرا چمڪن، شال! اسان جي پڳ سلامت، دنيا ساري جڳ سلامت، راڄ سلامت ڀاڳ سلامت! پورهيو، پنڌ ۽ ماڳ سلامت، ڌرتيءَ ماءُ! او ڌرتي ماءُ! شل! نه لڳئي ڪوسو واءُ! اسين ٻچڙا آدم شاهه جا، اسين فقير ميان نصير جا، تنهنجي جهوليءَ ۾ جهولون، پلجون، نپجون، وڌئون ويجهون! چئو الله توهار! اچو ته شهيدن جي رت جي، ساک کڻون، اسين اولاد آدم شاهه جو، وچن ڪريون! چئو الله توهار