تاسرڙو

تاسرڙو: اڳئين زماني ۾ سنڌ تي جڏهن ڪنهن غنيم جي چڙهائيءَ جو خطرو پيدا ٿيندو هو ته سُڄاڻ ماڻهو پنهنجي گھر ڀاتين کي ڪِنجھي جا ٿانوَ مٿي هيٺان رکي سُمهڻ لاءِ چوندا هئا. اِئين ڪرڻ سان پري کان ڪاهي ايندڙ غنيم جي گھوڙن جو دهڪو سندس ڪنن تي پوندو هو. اها خبر جڏهن گھرن جي مالڪن کي ڏني ويندي هئي ته اُهي هٿيار پنهوار کڻي، غنيم يا حملي آور سان مُنهن ڏيڻ لاءِ نڪري پوندا هئا. تاريخ جي انهيءَ پسمنظر کي سامهون رکي سنڌ جي برک شاعر نياز همايونيءَ هڪ جديد تاريخي لوڪ گيت ٺاهيو آهي، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت آهن: تــاســــرڙو ٿــــو وڄــــي،تــاســــرڙو ٿـــــو وڄــــي!منـهنجو هينئڙو ٿو هڄي!منهنجي سنڌڙي شل بچي!منهنجي جندڙي شل بچي!تــاســــــرڙو ٿــــو وڄـــــي!


لفظ تاسرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو