بگري

بُگرِي: پيدل سفر ۾ سيڌي سامان وغيره وجهڻ لاءِ ڳوٿري (جيڪا بغل ۾ کڻي هلجي). بغل ٿيلهي. هيءَ خاص قسم جي ڳوٿري اهڙيءَ طرح ٺهيل هوندي آهي، جيڪا ڪُلهي ۾ لٽڪائي ڇڏبي آهي، ان جا پاسا کليل هوندا آهن. تنهنڪري ان ۾ شيءِ شڪل آسانيءَ سان رکي سگهبي آهي. هيءَ ڳوٿري ڪپڙن مان ٺهندي آهي. عام طرح سيلاني فقير اٽي، اَن يا کاڌي جون ضروري شيون رکڻ لاءِ بُگرِي ڪم آڻيندا آهن .


لفظ بگريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو