بيگر

بيگارَ/ بيگرَ: زبردستيءَ مفت ۾ ورتل ڪم، جيڪو اڪثر سرڪاري ڪارندا يا عملدار، غريب ماڻهن کان وٺندا آهن. زميندار هارين کان بنا معاوضي جي ڪم وٺندا آهن ان کي به بيگر چوندا آهن. واندو ويهي رهڻ ۽ بيڪار ٿي رلڻ وقت جو وڃائڻ آهي، تنهنڪري ڏاهن چيو آهي ته ”بيڪار کان بيگار ڀلي“.


لفظ بيگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو