بيگاري

بيگارِي: اتر سنڌ جو هڪ مشھور واهه آهي. ”بيگاري واهه“ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن وچان وهي ٿو. هي واهه درياهه جي هڪ پراڻي وهڪري تي هجڻ سبب سڄو ورن وڪڙن ۾ آهي. درياهه کان وٺي ڳڙهي خيرو ويجهو شيرانپور ٿهيم تائين بيگاري واهه جي ڏکڻ طرف شڪارپور ضلعو ۽ اتر پاسي جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعا آهن ۽ اهو انگريز دؤر کان وٺي تاريخي دنگ آهي. هي واهه انگريزن جي شروعاتي دؤر ۾ بيگار تي کوٽايو ويو هو، تنھن ڪري بيگاري جي نالي سان مشھور ٿيو.


لفظ بيگاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو