بيٽ

بِيٽَ: سنڌ ۾ هيءُ فصل نئون آهي. شهرن ۾ هڪ ته هن کي ڀاڄيءَ طور واپرايو وڃي ٿو، يا وري گهرن ۽ وڏين هوٽلن ۾ هن جون ڪچيون پاڙون، ٽماٽن ۽ بصرن سان گڏي، ڪچونبر طور استعمال ڪيون وينديون آهن. يونانين ۽ رومين کي هن فصل جي پراڻي ڄاڻ هئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هن فصل جو اصل وطن به روم يا يونان جا علائقا هجن، جتان پوءِ هيءُ فصل دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن پکڙيو. 17 عيسويءَ صدي ۾ هن جي پوک مصر ۾ به ڪئي ويندي هئي. سنڌ ۾ هن فصل جي پوک ٿوري انداز ۾ ڪئي ويندي آهي. بيٽ مان ڪجهه ملڪن ۾ کنڊ پـڻ ٺاهي ويندي آهي. هيءُ ربيع جو فصل آهي، جنهن کي ٿڌيءَ موسم جي ضرورت پوي ٿي. سيپٽمبر کان نومبر تائين پوکي سگهجي ٿو. هن فصل لاءِ ٻه کان اڍائي فوٽن جي مفاصلي تي کريا ٺاهجن ٿا ۽ ٻج تيار ٿيل کرين جي ٻنهي پاسن اڌ انچ اونهون پوکي، مٽيءَ سان ڍڪي پاڻي ڏجي ٿو.


لفظ بيٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو