بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ، سنڌ

بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ، سنڌ

بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ

بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ، سنڌ: حيدرآباد کان 18 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ڄام شوري ۾ قائم بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ (هاڻي ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيوليم، اسيسمينٽ ائنڊ رسرچ، سنڌ) سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي سان لاڳاپيل اهم ادارو آهي. پھرين جون 1970ع تي ’ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن اينڊ ايڪسٽينشن ۽ اسپيشلائيزڊ سروسز‘ جي نالي سان هن اداري جو قيام عمل ۾ آيو، جنھن جي بنيادي ڪمن ۾ صوبي ۾ ملازمت ڪندڙ استادن جي تربيت ڪرڻ ۽ خاص ٻارن جي اسڪولن جي سارسنڀال لھڻ هو. 1972ع جي تعليمي پاليسي جي روشنيءَ ۾ وفاقي نصاب جو ادارو ٺھيو ۽ صوبن اندر پڻ نصاب جا ادارا ٺاهيا ويا. 1 نومبر 1972ع تي سنڌ ۾ هن اداري جو نالو تبديل ڪري ’بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ‘ رکيو ويو. 1976ع ۾ سنڌ جي استادن جي تربيت ڪندڙ ادارن جو انتظامي ڪنٽرول بيورو آف ڪريڪيولم جي حوالي ڪيو ويو. ته جيئن نصاب ۽ تربيت جو ڪم بھتر نموني سان هلي سگهي. 1978ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم کي سنڌ جي تعليم کاتي جو ’لاڳاپيل ادارو‘ پڌرو ڪيو ويو. 1988ع ۾ هن اداري کي تعليم کاتي جي تحقيقي اداري جو درجو پڻ ڏنو ويو. 2005ع ۾ ڪراچي ۽ سکر ۾ قائم ڪيل ٽن ’ڪالجز آف ايجوڪيشن‘ جو انتظامي ڪنٽرول پڻ هن اداري جي حوالي ڪيو ويو. هن وقت اداري جي انتظامي نگرانيءَ هيٺ حاضر سروس استادن جي تربيت لاءِ 11 تربيتي ادارا ۽ سروس کان اڳ استادن جي تربيت لاءِ 32 تربيتي ادارا قائم آهن، جن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پي. ٽي. سي، سي. ٽي، او. ٽي. سي، اَي. ٽي. سي ۽ بي. ايڊ جا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا. هن اداري جي بنيادي مقصدن ۾ پھرئين کان ٻارهين درجي جي نصاب جي تياري ۽ نظرثاني، استادن جي جديد انداز ۾ تربيت، تعليمي تحقيق وسيلي استادن کي سندن لاڳاپيل موضوع (فيلڊ) ۾ بھتر موقعا فراهم ڪرڻ، شاگردن توڙي استادن جي حاصلات جو جائزو وٺڻ شامل آهي. هي ادارو هڪ پڙهيل ڳڙهيل باشعور سماج کي ترقيءَ جو ضامن سمجهي ٿو، تنھنڪري صوبي ۾ باشعور سماج جي اڏاوت لاءِ معياري تعليم جي فروغ تي زور ڀري ٿو. ان ڏس ۾ اداري پاران ايسوسيئيٽ ڊگري اِن ايڊيوڪيشن (ADE) جو پروگرام ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. هن اداري جي بنياد وجھڻ ۽ اداري جي ترقيءَ ۽ واڌ ويجهه ۾ سيد پناهه علي شاهه، آپا شمس عباسي، مشتاق احمد کوکر، محمد ابراهيم جويي، غلام رضا ڀٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ جي ناميارن شخصيتن جو ڪردار رهيو آهي. هي ادارو نصاب سازي، استادن جي رهنمائي لاءِ گائيڊ تيار ڪرڻ، تربيتي مينيوئل ۽ ٻيو ڪيتروئي درسي ۽ تعليمي مواد ۽ سامان تيار ڪندو رهيو آهي. جنھن سان صوبي جي تعليمي معيار کي بھتر بنائڻ ۾ مدد ملي آهي. هن اداري جي ڊائريڪٽرن ۾ سيد پناهه علي شاهه، واحد بخش شيخ، غلام رضا ڀٽو، آپا شمس عباسي، مشتاق احمد کوکر، بقا محمد قريشي، محمد صالح گوپانگ، نظام الدين ميمڻ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، عبدالحميد ميمڻ، محمد شريف ميمڻ، مسز صغريٰ شيخ، ڊاڪٽر صاحب خان چنا، ڊاڪٽر محبوب علي شيخ، مشتاق احمد شاهاڻي ۽ پروفيسر خير محمد زرداري (موجوده ڊائريڪٽر) شامل آهن. هن اداري ۾ جيڪي ماهر مضمون رهيا آهن، انهن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، عبدالمجيد عباسي، ڊاڪٽر ابوالقاسم شيخ، لعل بخش کوکر، قاضي غلام اڪبر، صفدر مرزا، اقبال ملڪ، طلعت جسڪاڻي، زاهده حُميراڻي، مريد شريف ڪلهوڙو، ڊاڪٽر محمد ميمڻ، رانجھو خان زرداري، نسرين جعفري، مسرت حسين رضوي، صغير احمد شيخ، انوار احمد زئي، غلام اصغر ميمڻ، ادريس جتوئي، عبدالمجيد ڀرٽ ۽ ٻيا شامل آهن. ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ ٻين اختيارن سميت صوبن کي اهو اختيار پڻ ڏنو ويو ته اهي صوبي اندر پڙهائجندڙ نصاب جي تياري توڙي نظرثاني پاڻمرادو ڪن. ان سلسلي ۾ نصاب ۽ ان سان لاڳاپيل سموريون سرگرميون سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيون ويون. ساڳي ريت اداري جو نالو بدلائي ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم، اسيسمينٽ ائنڊ رسرچ، سنڌ رکيو ويو. هن اداري طرفان 07-2006ع جي قومي نصاب کي پيش نظر رکندي مطالعي جي ضرورت ۽ درسي ڪتابن جي وقتائتي ۽ معياري هجڻ کي يقيني بڻايو ويو ته جيئن تعليم جو معيار پڻ بھتر بڻائي سگهجي


هن صفحي کي شيئر ڪريو