بينا

بينا (ڪتاب ): انگريز دور جي ديس ڀڳت شاعر نرمل جيوتاڻيءَ جو هيءُ ناول، نرمل پبليڪيشن سوسائٽيءَ حيدرآباد سنڌ جو ڇپايل ٻيو نمبر ڪتاب آهي، جيڪو اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس، رسالا روڊ حيدرآباد مان ڇپيو ۽ اُن جي قيمت هڪ رپيو رکيل آهي. ڪرائون سائيز ۾ 93 صفحن تي مشتمل آهي. ان ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي جيوت جو شهري جيوت سان عمدو ميلاپ ڏيکاريل آهي. مزاريءَ ۽ بينا جي ڪردارن جي پيار ڪهاڻي آهي.


لفظ بيناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو