بيرم

بيرَمُ: ڪانٽي يا ساهميءَ جو ڪانو. لوهه جي لٺ، جنهن سان ڳرو بار هلڪو ڪري کڻجي. سائنسي اصول تي ٺهيل ننڍو يا وڏو اوزار جيڪو ڳري بار کي کڻڻ ۾ ڪم اچي. مثال طور: ڪئنچي، انبوري، ساهمي وغيره. بيرم هڪ سادي مشين آهي. اها هڪ مضبوط سيخ يا لٺ هوندي آهي جيڪا هڪ وڏي نقطي جي چوڌاري ڦري سگهي ٿي. ان نقطي کي ٽيڪ يا فلڪرم (Fulcrum) سڏجي ٿو. سيخ جي هڪ ڇيڙي تي زور لڳائبو آهي ۽ ٻئي ڇيڙي تي بار کنيو ويندو آهي. ٽيڪ يا فلڪرم ۽ عمل ڪندڙ زور جي وچ واري عمودي مفاصلي کي ”زور واري ٻانهن“ (Effort Arm) ۽ ٽيڪ ۽ بار جي وچ واري عمودي مفاصلي کي ”بار واري ٻانهن“ (Weight arm) چئبو آهي.


لفظ بيرمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو