بوليجي

بوليجي: هيءَ علائقو ڪراچيءَ کان تقريباً ستاويهه ميل اتر_ اولهه ۾ آهي. هيءُ جابلو ڪنارو آهي. سامونڊي ٻوٽا جبلن تان پاڻيءَ لهڻ بعد ڏسي سگهجن ٿا. ان ڪناري جي هڪڙي خاصيت اها به آهي ته هتي سِپ نما ساهوارو اسپونڊيلس (Spondylus) ملندو آهي، جيڪو پٿرن جي مٿان قابو چنبڙيل هوندو آهي. گهڻو ڪري سامونڊي ڪناري تي ملندو آهي. ان کي گڏ ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، ڇوته اهي جبلن جي رنگن سان مشابهت رکن ٿا ۽ ڪنهن عام ڏسڻ واري کي پٿر يا جبل جو حصو معلوم ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو