بوسي

بوسِي: درياءُ جي سيلاب يا اُٿل تي ٿيندڙ پوک، جنهن کي لُبڻ تائين وري پاڻي ڪونه ڏبو آهي. هڪڙي پاڻيءَ تي ٿيندڙ انهيءَ پوک کي ”بوسي پوک“ چوندا آهن. بوسي پوک فقط سياري جي مند ۾ ئي ٿيندي آهي. بوسي فصلن ۾ ڪڻڪ، جَوَ، مٽر، چڻا، سرنهن ۽ ڄانڀو شمار ٿيندا آهن. اها پوک، جيڪا وٽ آيل زمين کي هر ڏيئي ڪاهيل هجي. ان کي ٻيو ڀيرو وري پاڻي نه ڏجي. بوسي فصل جو دارومدار گهڻو ڪري مِينهن تي آهي ۽ اهو فصل گهڻو ڪري ٿر ۽ ڪاڇي ۾ پوکيو ويندو آهي. مينهن نه وسندو ته انهن علائقن ۾ فصل نه ٿيندو آهي. سنڌ جا مسڪين ٿر ۽ ڪوهستان جا مارو، هاري ناري ۽ ڪمزور آبادگار جهوليون جهلي مينهن وسڻ جون دعائون ڪندا آهن.


لفظ بوسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو