بهمڻ2

بَهمَڻ2: ساڳئي نالي سان لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري تعلقي جي هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان چار ڳوٺ موجود آهن: ’فيض محمد جيهو‘، ’ٻڍو جيهو‘، ’بهمڻ‘ ۽ ’ابڙاپوٽا‘. جنهن ۾ بوائز پرائمري اسڪول ۽ گرلس مسجد اسڪول موجود آهي. سنڌ جو مشهور سياستدان ۽ اديب پير علي محمد راشدي ۽ سندس ڀاءُ ۽ سنڌ جو عظيم تاريخدان ۽ دانشور پير حسام الدين پڻ بهمڻ ڳوٺ جا رهاڪو هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو